اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي نه ??ڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي ??اع??ي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا جا ڪشميري گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) جي منظور ڪيل قرارداد جي 74 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن جنهن ۾ اهو شرط رکيو ويو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ جمهوري طريقي سان آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪيو ويندو، اهو ڪشميرين جي نه ??ڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق جو ورجاءُ هو جيڪو عالمي قانون ۾ لکيل آهي ۽ عالمي انساني حقن جي ادارن ان کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ان حق جو استعمال نه ??ري سگهي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ ان جي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪري هيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان هي ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? هر سال عوام جي خودمختياري جي آفاقي حق جي حوالي سان هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا جبري قبضي جي حالتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خراب حالت ۽ حقن جي طرف عالمي ڌيان ڇڪرائي ٿي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها ان ??اع??ي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي نه ??ڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان بهادر ڪشميري عوام جي انهن جيو قار ۽ حقن بشمول انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.