ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو آهي ته جيئي ??ٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪر??چي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪر??چي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ??يو آهي. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪر??چي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي. ڪر??چي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ??ٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ??يو آهي. جيئي ??ٽو جي نعرن سان گونجندڙ ڪر??چي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته بلدياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوارن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ ج?? لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪر??چي ۾ سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.