رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيرا??ظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رک??دو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيرا??ظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.