اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي لاءِ ڊيجيٽل پاور آف اٽارني آن لائين ٺهرائڻ جي سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان سروس جي آزمائشي مرحلي جي شروعات آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ موجود 10 پاڪس??ان?? سفارتي مشنز جي لاءِ ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت جي پائليٽ مرحلي جي شروعات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن پاران ان آن لائين سروس بابت زبردست ردعمل ۽ پيغام مليا جنهن جي شروعات نومبر 2021ع ۾ ڪئي وئي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ موجود پاڪس??ان?? سفارتي مشنز جي لاءِ پڻ اها آن لائين سروس کي هڪ جهڙي طور تي مهيا ڪرڻ جو مطالبو به سامهون آيو جنهن تي نادرا سمورن پاڪس??ان?? سفارتي مشنز جي لاءِ اها سروس متعارف ڪرائن جي لاءِ اهو ئي حل تيار ڪيو. نادرا ٽيم ان سروس کي عالمي طور تي متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي پهچ سمورن سمنڊ پار پاڪس??ان??ن تائين وڌائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. 116 پاڪس??ان?? سفارتي مشنز کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن تائين موثر پهچ جي لاءِ خدمتن جي ضرورتن موجب تربيت ڏني وئي آهي. نادرا پنهنجي ڪال سينٽر ۽ پاڪ – آئي ڊي لائيو چيٽ سروسز جي ذريعي صارفين کي سڄو هفتو لڳاتار 24 ڪلاڪ سهولت فراهم ڪندي رهي ٿي. ان جدت آميز سروس جي ڪري دنيا جي سمورن ملڪن ۾ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي لاءِ تمام گهڻي آساني پيدا ٿي ويندي ڇو ته ان کان اڳ انهن کي پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪري لاڳاپيل ملڪ جي سفارتخاني يا قونصليٽ وڃڻو پوندو هو ۽ مختلف ڏکئي مرحلن مان گذرڻو پوندو هو. ڊيجيٽل پاور آف اٽارني سروس جي عالمي طور تي هڪ پليٽ فارم جي طور تي افتتاح ڪيو ويو جيڪو سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي انهن جي لاڳاپيل سفارتخانن/ قونصل خانن ۾ بنا اچڻ جي گهر ويٺي پاور آف اٽارني تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سموري عمل کي فوري حل ڪيو وڃي. نادرا چيئرمين طارق ملڪ ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڃاڻپ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي معنيٰ خيز پکيڙ جو هڪ اهم مظهر آهي. نادرا هاڻي شهرين جي راءِ تي قائم تجربي جي بنياد تي ڊيجيٽل آئي ڊي جي استعمال جي ڪري سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيو آهي. طارق ملڪ چيو ته جديد ڊيجيٽل آئي ڊي سسٽم جي شروعات سان گڏ شهري پنهنجا حق استعمال ڪرڻ ۽ بي مثال يقين سان ثابت ڪرڻ جي لاءِ بهتر طريقي سان ليس ٿي رهيا آهن ته اهي جسماني ۽ معنوي ٻنهي صورتن ۾ ڪير آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي لاءِ ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي کي آسان تر بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته هي سهولت نادرا جي سافٽ ويئر انجنيئرز جي اڻٿڪ محنت جو ثمر آهي جنهن ۾ نه رڳو هر قسم جي ام??ان?? کي نظر ۾ رکيو ويو آهي پر آزمائشي مرحلي دوران صارفين، درخوا??تگ??ارن ۽ غيرملڪي مسنز کان ملندڙ راءِ جي روشني ۾ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي جنهن کانپوءِ هاڻي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي گهر ويٺي وڌيڪ فعال خدمتون ۽ سهولتون ملنديون. ياد رهي ته گذريل 16 مهينن دوران رڳو ٻن ملڪن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ پاور آف اٽارني ٺهرائڻ جون درخواستون آن لائين جمع ڪرايون ويون. لنڊن، نيويارڪ ۽ هوسٽن ۾ موجود پاڪس??ان?? مشنز کي ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ درخواستون مليون جڏهن ته 15 لک کان وڌيڪ پاڪس??ان??ن پاور آف اٽارني ويب سائيٽ تي پهچ حاصل ڪئي. نادرا پرڏيهي وزارت جي حصيداري سان ان سلسلي ۾ آن لائين نظام متعارف ڪيو آهي جنهن تحت ڊيجيٽل پاور آف اٽارني آن لائين حاصل ڪري سگهبو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 90 لک کان وڌيڪ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي هاڻي پاور آف اٽارني ٺهرائڻ جي لاءِ پنهنجي لاڳاپيل پاڪس??ان?? مشن يا سفارتخاني وڃڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ اهي گهر ويٺي آن لائين پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي سگهندا ۽ اهڙي طرح انهن کي وڏي سفري خرچن جي ادائيگي پڻ نه ڪرڻي پوندي. دنيا جا ڪيترائي شهر ۽ ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن جتي ڪو پاڪس??ان?? سفارتخانو يا قونصليٽ نه آهي ۽ اتي رهندڙ پاڪس??ان??ن کي پاور آف اٽارني ٺهرائڻ جي لاءِ ڪنهن ويجهي ملڪ ۾ موجود پاڪس??ان?? مشن ۾ وڃڻو پوندو هو. هي سهولت خاص طور تي انهن پاڪس??ان??ن جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ٿيندي ڇو ته هاڻي اهي پنهنجي درخواست گهر ويٺي آن لائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. نادرا جي ٺاهيل ڊيجيٽل پاور آف اٽارني جي ان جدت آميز سهولت ۾ پاڪ آئي ڊي آن لائين جي جديد ترين بائيو ميٽرڪ تصديق جي سهولت کي استعمال ڪيو ويو آهي. درخواست ڏيڻ وقت درخوا??تگ??ار کي ڪاغذ تي پنهنجي ۽ ٻن گواهن جي آڱ??ٺن جا نشان هڻي انهن کي اسڪين ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ اپ لوڊ ڪرڻو پوندو. ضروري ڪارروائي کانپوءِ درخوا??تگ??ار جي رضامندي ملڻ تي ڊيجيٽل پاور آف اٽارني جاري ڪيو ويندو. ان سروس ۾ اسڪين ٿيل دستاويز ۽ تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ شامل آهي ۽ پاڪس??ان?? مشن جا قونصلر آفيسر نادرا جي ڊيٽا جي روشني ۾ فراهم ڪيل معلومات جو موازنو ڪري ان جي تصديق به ڪري سگهن ٿا. اهي خصوصيتون عالمي سطح تي مڃيل معيار ”اي – ڪي وائي سي“ جي عين موجب آهن. نئين ڊيجيٽل نظام جي سلسلي ۾ نادرا سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي 116 مشنز جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي آهي. ان کانسواءِ نادرا جي ڪال سينٽر ۽ پاڪ آئي ڊي لائيو چيٽ جي ذريعي درخاو??تگ??ارن کي پيش ايندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جاري بنياد تي معاونت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي.