ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خ??اف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن ج??ان?? جي شهادت تي پونئيرن سان افسوس جو اظها?? ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي ج??ان?? سپاهي عمران الله شهيد، سپاهي افضل خان شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظها?? ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي، هاڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.