مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولت?? جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتا?? مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولت?? جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير اسپتال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊا??ٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊا??ٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊا??ٽر يوسف نسيم بخاري مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اسپتال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊا??ٽر ضياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، ??ڏهن ته ڊالر وڌڻ جي ڪري به فلم?? جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنه?? جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپتال انتظاميا مملڪتي وزير کي اسپتال ۾ عملي، وسيل?? جي گهٽتائي ۽ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.