اسلام آباد – 19 ?? اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ گير سولرائيزيشن م??صوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جهڙو اسرندڙ ملڪ مهانگي درآمدي ٻارڻ سان بجلي جي پيداوار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، سولر پينلز جي مرحليوار درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سستي بجلي جي فراهمي م??ڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??ڪ گير سولرائيزيشن م??صوبي تي اڳڀرائي جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سولر پينلز ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن جي درآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گهٽ لاڳت شمسي بجلي جي پيداوار سان ٻارڻ جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، شمس?? توانائي سان بجلي جي صارفين کي سستي بجلي جي فراهمي م??ڪن ٿي سگهندي. هن هدايت ڪئي ته وفاقي سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي م??صوبي تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 17 سرڪاري عمارتن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ بڊز موصول ٿي چڪيون آهن، انهن بڊز جي فني جانچ اڄ مڪمل ڪئي ويندي. ان کانسواءِ وڌيڪ 50 عمارتن جا ٽينڊرز 20 اپريل تي جاري ڪيا ويندا. اجلاس کي 600 ميگاواٽ ??وٽ ادو منصوبي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان م??صوبي جو ٽينڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 1200 ميگاواٽ ۽ جهنگ ۾ 600 ميگاواٽ جي م??صوبن جي حوالي سان اڳڀرائي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي 11 ڪي وي فيڊرز تي سولر هڻڻ جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان نيپرا پينچ مارڪ ٽيرف جي م??ظوري کانپوءِ ئي ان تي اڳڀرائي م??ڪن ٿي سگهندي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري م??لڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.