ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آهنگي ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي ته جيئن انهن جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندي خصوصي ٻارن جي بحالي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بحالي، تعليم، پيشيواراڻي ت??بي?? ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪ??ڻ ۽ معاشرتي زندگي ?? انهن جي شموليت جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته 9 سالن کان وڌيڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سان رجسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران فراهم ڪ??ي ويندڙ سهولتن تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ خصوصي ٻارن ۽ انهن جي مخصوص ضرورتن جي حوالي سان معاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي پر ملڪ ۾ اهڙن ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، ت??بي?? ۽ بحالي جي مقصد جي لاءِ اي آر سي ڪي جي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن ت?? زور ڏنو ته اهي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سان تعاون کي فروغ ڏين ته جيئن انهن جي ڪوششن جو فائدو وڌ کان وڌ ٻارن کي پهچي سگهي. ان موقعي تي بيگم ثمينه عا??ف علوي ان ڳالهه ت?? زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي ت??بي?? جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بحالي جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظيمن جي تعاون جي ضرورت آهي. اي آر سي ڪي جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي، انهن جي اسڪول ۾ دستياب سهولتن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي بيگم ثمينه عا??ف علوي سان گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي محنت ۽ فني خوبصورتي کي ساراهيو.