اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرگرم ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حق?? جي محافظن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ملڪيت?? جي ضبطگي جي بار بار ٿيندڙ ڪاررواين تي ڳڻتي آهي، ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ رياستي تحقيقاتي ايجنسي (ايس آئي اي) ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪن?? جي غيرمنقولا ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي انداز ۾ ڪارروائي ڪئي آهي، ايس آئي اي 2021ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هيستائين اهڙيون 124 ملڪيتون ضبط ڪيون آهن. هن چيو ته اسان سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ۽ حريت تحريڪ جي اڳواڻ اياز اڪبر جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڀارت جي تازي قدم جي مذمت ڪريون ٿا، اياز اڪبر فرضي الزامن ۾ 2017ع کا?? جيل ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت کي س??اسي اڳواڻن ۽ انساني حق?? جي سرگرم ڪارڪنن کي انه?? جي جائز ملڪيتن کان بيدخل ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، ڪشميري پنهنجي سرزمين جا حقيقي وارث آهن، اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته غيرڪشميرين کي تڪراري علائقي ۾ زمين ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي جڏهن ته ڪشميري?? جي ملڪيتن کي ضبط ۽ تباهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي آذربائيجا?? جي دوري دوران ٻئي ڌريون توانائي، ثقافت، بئنڪاري، تعليم، دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري س??يت ٻطرفي تعاو?? جي مختلف شعبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. ان کانسواءِ ٻئي ملڪ ثقافتي تعاو?? جي هڪ پروگرام ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جي فارن سروس اڪيڊمي?? جي وچ ۾ تعاو?? جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ايران ٻطرفي س??اسي مشاورت جو ٻارهون دور 17 ۽ 18 جون تي تهران ۾ ٿيندو. پرڏيهي س??ڪريٽري پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته ايران جو سياسي معاملن وارو نائب پرڏيهي وزير علي باقري ڪني ايراني وفد جي قيدت ڪندو. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن جي س??ورن رخن جو جائزو ورتو ويندو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، سرحدي س??امتي، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ ثقافت جي شعبن جو احاطو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون علائقائي صورتحال خاص طور تي افغانستان، ڪشمير، ايران سعودي عرب سفارتي لاڳاپ?? جي بحالي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي س??ورن شعبن ۾ جاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون. تهران ۾ پرڏيهي س??ڪريٽري ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز کي خطاب ڪندو. هو اقتصادي تعاون تنظيم (اي س?? او) جي س??ڪريٽري جنرل ۽ پاڪستان ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو. ان فورم جو آخري اجلاس آڪٽوبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته پاڪستان – بيلجيئم ٻطرفي س??اسي مشاورت جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. ايڊيشنل پرڏيهي س??ڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم پاڪستا?? جي قيادت ڪندو جڏهن ته بيلجيئم جي وفد جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل، ٻطرفن معاملن، پرڏيهي وزارت، بيلجيئم سفير ڪور مين ڪندو. ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ بيلجيئم لاڳاپن جي س??ورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ ايندڙ سال جي لاءِ ٻطرفي مصروفيتن ۽ تعاو?? جي ايجنڊا طئي ڪنديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٻيلجيئم عالمي فورمز بشمول گڏيل قومن ۾ تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه آهي. هن چيو ته پاڪستان بيلجيئم سان واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي تعاون، سياحت ۽ مزدورن جي چرپر جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.