مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 ک??ن وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان ??فري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان ??هولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان ??عودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ا?? قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان ??ي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سع??دي پريس ايجنسي موجب سع??دي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن ??ها??شگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.