اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪا??يا??ي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولولي انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪا??يا??ي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳوٺ ميان رحيما جي ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪا??يا??ي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏ?? وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئي انهن جي حوصلا افزائ?? ۽ ??رپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪا??يا??ي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪا??يا??ي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ محسن علي انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي به ملڻ گهرجي جن جي ويزن محسن عل?? ۽ ??ن جهڙن سوين غريبن کي ڪا??يا??ي جي ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اهو هوندو آهي ويزن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.