لاهور -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي، ته قومون ملڪي سالميت، ترقي ۽ معاشي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو ناهن ڪنديون، آئينده موقعو مليو ته محمد نواز شريف جي ??ڳواڻي ۾ پوري ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو ويندو، هڪ ويزن تحت زراعت کي ترقي ڏيڻ آهي، مان ڄاڻان ٿو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو ڪيئن ٿيو، آءِ ايم ايف معاهدي سان ڊفالٽ جو خطرو ٽري و??و آهي، اسان کي هاڻي ??يصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي پنهنجي ??قدير بدلڻي آهي. اهڙو اظهار هن الحمرا هال لاهور ۾ دانش اسڪولن ۾ تع??يم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ??عزاز ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، وزيراعظم جي ??اص مددگار شزه فاطمه ۽ رانا مشهود سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن مان تع??يم پرائي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين محنت ۽ قابليت جي ڏڍ تي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ جيڪو مقام حاصل ڪ??و آهي، ان سان پوري پاڪستان جي ماڻهن جو سر فخر سان بلند ٿ??و آهي، هي شاگردن ۽ شاگردياڻيون قوم جا هيرا بڻجي چڪيون آهن، جهڙي ريت اوهان محنت سان اهو مقام حاصل ڪيو اهو ڪنهن به اوهان کي پليٽ تي رکي نه ڏنو. دانش اسڪولن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ٻار تع??يم پرائي رهيا آهن، اڄ لکين ٻار ليپ ٽاپ ذريعي فري لانسر بڻجي ??وزي ڪمائي رهيا آهن، دانش اسڪولن مان فارغ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽي ڳالهيون ٻڌي خوشي ٿي. هنن جو چوڻ آهي ته دانش اسڪولن جي منصوبي جي ??روعات ڪئي ته اشرافيه منهنجي ??مام گهڻي ??خالفت ڪئي، مخالفت باوجود ڏکڻ پنجاب جي ??لائقن ۾ دانش اسڪولن جو بنياد رکيو. منهنجو وس هلي ته سڄي پاڪستان ۾ هزارين دانش اسڪول بڻائي قوم کي عظيم بڻائي ڇڏيان، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت قوم سان دوکو ڪيو 190 ملين پائونڊز جيڪڏهن اسڪولن جي تع??ير تي لڳايا وڃن ها ته کين سلام پيش ڪيان ها، الزام تراشيون ۽ بي بنياد الزامن قوم کي ورهائيو، ان کان اڳ معاشري ۾ اهڙي ورڇ ڪڏهن به نه ڏٺي، هن ورهاست پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ قوم جي ??هنن کي زهر سان ڀري ڇڏيو هو. وزيراعظم دعوت ڏني ته اچو ته چارٽر آف اڪنامي ۽ چارٽر آف ڊيمو ڪريسي لاءِ گڏجي ڪم ڪيون، پنهنجا ختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃون ته جيئن رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه بيهي سگهي، هن چيو تهجيڪڏهن اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي ته اسان کي پاڪستان جو احساس ڪرڻو پوندو. وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي، ملڪ هن وقت مسئلن جو شڪار آهي، جيڪڏهن الله تعاليٰ اسان کي آئينده چونڊن ۾ ڪاميابي نصيب ڪئي ته پوري ملڪ ۾ محمد نواز شريف جي ??ڳواڻي ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇائينداسين، وزيراعظم چيو ته بي بنياد الزامن ۽ چور جي ??يانئي پاڪستان کي تقسيم ڪري ڇڏيو، مان عوام کي گواهه بڻائي چوان ٿو ته موجوده دور ۾ ٻوڏ ۽ مهانگائي سان گڏوگڏ مون کي اڄ تائين بدترين ورهاست جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته دانش اسڪولن جي ??اگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جا مستقبل آهن. مون کي اميد آهي ته پنهنجي محنت ۽ لگن سان پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر ڏياريندا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام اسان جي مجبوري بڻجي ويو هو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل نه ٿئي ها ته اسان کي آمدني واپار کي وڌائڻو پوي ها ۽ رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڊالر جي قيمت وڌڻ کان روڪڻ لاءِ اسان کي آءِ ايم ايف جو پروگرام وٺڻو پيو. جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان پروگرام نه ٿئي ها ته صنعتون بند ٿي وڃن ها ۽ قوم وڌيڪ هيٺ هلي وڃي ها، اڄ ڊفالٽ جو خطرو ختم ٿي و??و آهي. هن چيو ته اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن کي تع??يم ڏياريون. هندو ۽ انگريز جي ??لامي مان نجات جو مقصد اهو ئي هو ته غريب جو ٻار به تع??يم پرائي ملڪ جي ??رقي ۾ پنهنجو حصو وجهي ڇاڪاڻ ته غريب جي ٻار کي تع??يم نه ملي اهو اسلامي رياست جو اصول ناهي، اشرافيه جا ٻار دنيا جي ??هترين يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهن ٿا، پر غريب جي ٻار کي اسپتالن ۾ جعلي دوائون ملن ٿيون، هي ??ائ??اعظم جو پاڪستان ناهي، اڄ اسان کي غور ۽ فڪر ڪرڻو پوندو ته ملڪ لاءِ اهو فڪر جو لمحو آهي هن چيو ته اچو ته ملي ويهي پاڪستان کي خوشحال بڻايون ۽ پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪيون، جيڪڏهن ملڪ خدانخواسته ڊفالٽ ڪري وڃي ته عوام اسان کي طعنا ڏئي ته پاڪستان محمد شهباز شريف جي ??ور ۾ ڊفالٽ ٿيو. هن چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته ملڪي زراعت جيڪو پاڪستان جي ??رقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو، ان کي هٿي ڏيڻي ??وندي. وزيراعظم انگريزي ۾ ايم فل ڪندڙ هڪ شاگردياڻي کي پنجاب حڪومت طرفان روزگار جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي پنجاب جي وڏي وزير جي ??عريف ڪئي ۽ چيو ته اوهان ته مون کي پوئتي ڇڏي ڏنو. محسن اسپيڊ سان ڪم ڪيو، تقريب جي ??خر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ۽ چيڪ ورهايا ويا.