اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ ع??ائ??ائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ع??ائ??ائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ ع??ائ??ائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪندو رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پاڪستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وزيراعظم ??يو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري ع??ائ??ي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وزيراعظم ??يو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل ک?? ايمانداري سان مڪمل ڪندو. هن نگران حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مالي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وزيراعظم ??يو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي مختلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل ک?? مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل ک?? برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو ته چونڊ عمل ک?? بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آز??دي آهي ۽ اظهار راءِ جي آز??دي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آز??دي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي معاملن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم ??يو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته نگران حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وزيراعظم ??يو ته پاڪستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم ??يو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن ??يو ته نگران حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا ع??ائ??ائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم ??يو ته پاڪستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ ??يو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي اڪي??ائ?? جي تاثر کي رد ڪندي ??يو ته پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.