باڪو – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي اڄ اڱاري ڏينهن ميزباني ڪندو، نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ ٿيندو. آذربائيجان جو پرڏي??ي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اي سي او جي ميمبر ملڪن جا پرڏي??ي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي تعاون تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 9 کان 10 آڪٽوبر تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم) کي خطاب ڪندو ۽ تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ?? ٻين اهم شخصيتن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزارتي ڪائونسل اي سي او جي پاليسي سازي فورم طور تي ??نظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿي. 27 هين سي او ايم ۾ ميمبر ملڪ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تنظيم ۽ سماجي، ث??افتي، فني ۽ سائنسي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ذريعي اي سي او خطي جي پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال جي تقريب جو موضوع ”گرين ٽرانزيشن ۽ انٽر ڪنيڪٽيويٽي“ هوندو.