اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ل??ڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف ??عاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي ل??ءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ل??ڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف ??عاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪب??د ڏني ۽ ان جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.