ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻ??هي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽ??يٽ??ينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.