اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميش?? آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر ??ار?? محمود خان چيو آ??ي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن سردار شوڪت محمود جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر ??ار?? محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميش?? آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، م??ڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.