اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، ا??يڪشن ڪميشن اچڻ معمول جو حصو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ڪميشن سان را??طي ۾ آهيون، ا??يڪشن ڪيمشن سان روزاني جي بنياد تي را??طو ٿئي ٿو، ا??يڪشن ڪميشن اچڻ معمول جي را??طي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌ??ڪ بهتري آڻين??اس??ن، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ ??ونڊ سرگرمين جي باقاعده شروعات ٿيندي، سموريون پارٽيون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري رهيون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اعلان ڪيو آهي، ا?? کانپوءِ ??ونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ا?? جو سياست سان ڪو تعلق نه آهي، ا?? حوالي سان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته لاڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.