اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ??رڻ جي حوالي سان سموريُون ا??ڪٿيُون ۽ افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري 2024ع جي صبح 8 وڳي پولنگ اسٽيشنز کلنديون ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. مقامي هوٽل ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي اهتمام هيٺ سڌاراجاتي منشور جاري ??رڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگ??ان ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ مسلسل اهو ئي چئي رهيا آهيون ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ??رڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، چونڊون وقت سر منعقد ??رڻ جي حوالي سان ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊون منعقد ??رڻ جي حوالي سان ميڊيا جي ذميواري اڳ کان وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ميڊيا کي ان ڏس ۾ ذميواراڻي رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، ٽيڪس سڌارن، صحت، تعليم ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙا مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن، زراعت ملڪ جي جي ڊي پي جو هڪ چوٿون حصو آهي پر ان شعبي کان ٽيڪس جي وصولي تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 ۽ 140 اي تحت مقامي حڪومتون مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختياري هونديون، 18 هين ترميم تحت صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر اهي اختيار هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جو اصل ڪم قانونسازي ۽ ملڪ جي مشڪل مسئلن کي حل ??رڻ آهي، دعوائن ۽ واعدن جي تڪميل سياسي پارٽين جو ڪم آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين جي اندر جمهوري روين جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن ا?? عدالتي فيصلي سان هڪ مثال قائم ٿيو آهي ته پارٽين جي اندر چونڊون ۽ جمهوري رويو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي اندر جمهوريت نه هجي ته اها ڪهڙي طر?? ملڪ ۾ جمهوريت جي دعويدار ٿي سگهي ٿي؟ نگ??ان وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي بنيادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي.