لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجا?? ۾ ??ه عام چو??ڊن 2024ع جي سلسلي ۾ ??ول??گ جو عمل (اڄ) 8 فيبروري صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندو، جنهن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب پنجا?? ۾ ??ام چو??ڊن 2024ع جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تياريون مڪمل ڪيو ويون هيون. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب عام چو??ڊن ۾ پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 ووٽر ووٽ ڪاسٽ ڪندا جنهن ۾ مرد رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 90 هزار 487 جڏهن ته عورت رجسٽرد ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 46 لک 437 آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر 42، رٽرننگ آفيسر 441، اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر 882، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر 42، مانيٽرنگ آفيسر 1200 آهن. ڪل ??ول??گ عملي جو انگ 524070 آهي جن ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن جو انگ 53491، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جو انگ 313719 ۽ ??ول??گ آفيسرن جو انگ 156860 آهي ۽ ڪل ??ول??گ اسٽيشنن جو انگ 50900 آهي ??نه?? ??ول??گ اسٽيشنن ۾ 28297 نارمل جڏهن ته 15617 حساس ۽ 6040 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ??ول??گ اسٽيشننز جي 400 ميٽرن جي حد ۾ چو??ڊ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي، ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ، اميدوار جي مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. ??ول??گ اسٽيشن جي حدن جي 100 ميٽر اندر جهڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي فاصلي تي ڪيمپ لڳائي سگهبي. ڊي آر اوز ۽ ??ول??س انتظاميه اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ جا پابند هوندا جڏهن ته خلاف ورزي جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن سخت ڪارروائي ڪندو. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اصل شناختي ڪارڊ گڏ رکڻ ضروري هوندو، قومي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ قابل قبول نه هوندو، مدي خارج شناختي ڪارڊ تي به ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهبو. ترجمان موجب شهري 8300 تي ميسيج موڪلي ووٽ بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ??ول??گ لاءِ سامان پهچائڻ جو عمل جاري رهيو، چو??ڊ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ??ول??گ عملي جي حوالي ڪيو ويو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب اعجاز انور چو??اڻ چيو آهي ته عام چو??ڊن 2024ع کي پرامن بڻائڻ لاءِ سمورن چئلينجن باوجود اليڪشن ڪميشن وقت تي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.