ڪراچي – 12 ?? مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي صدرن ٻطرفي اهمي?? جي معام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪ صدر پاران ٽيليفون ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي عوام کي رمضان المبار?? جي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر جلد ئي صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان گهرائڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو.