اسلام ??با??– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال خان ناصر کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خو??حالي جي لاءِ موث?? قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم نئين چون??يل سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جمهوري عمل تسلسل آهي، اميد آهي ته توهان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته توهان عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خو??حالي جي لاءِ موث?? قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وفاقي ڌرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.