اسلام آباد– 09 – ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پاڪستان ۽ ت??ڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ت??ڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي ??ڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ت??ڪ عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ ت??ريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ??ڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي ??نيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي ??ڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.