اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معاشي انگ اکر مثبت آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، پينشن سڌارن تي تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م ناڻي واري وفاقي ??زي?? محمد اورنگزيب ۽ قانون واري وفاقي ??زي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪند?? اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ملڪ تاريخ جي ان موڙ تي بيٺل آهي جتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معيشت جي حوالي سان سمورا انگ اکر مثبت آهن، سموريُون عالمي اخبارُون ۽ رسالا پاڪستاني معيشت جي حوالي سان قد??ن کي ساراهي رهيا آهن جيڪو ان ڳا??هه جو ثبوت آهي ته معاشي انگ اکر مثبت هجڻ سان گڏوگڏ سئو سيڪڙو صحيح به آهن. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته ??زي??اعظم اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين خرچن ۾ گهٽتائي جي ڳا??هه ڪئي، حڪومت جتي روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قد?? کنيا، اتي خرچن ۾ گهٽتائي پڻ ڪئي. پينشن سڌارن بابت هن چيو ته گذريل ڪجهه هف??ن کان ميڊيا تي پينشن سڌارن جي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن هڪ اداري سان ڳنڍيو پيو وڃي. هن چيو ته پينشن سڌارن جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، انهن تجويزن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته غلط فهمي ۽ قياس آرائين کان بچڻ جي لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به معاملو ڪابينا، حڪومت يا ڪنهن به فورم تي غور هيـٺ اچي، ان کي ميڊيا آڏو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مناسب تجويزون اچي سگهن، اهڙي طرح اسان پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کان پڻ بچي سگهون ٿا. وفاقي ??زي?? چيو ته ملازمن جي سروس جو عرصو وڌائڻ جي حوالي سان تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن اهي تجويزون حتمي شڪل اختيار ڪري وينديون ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.