اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اها ڳا??هه هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته صحافين ??ي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي مستقل بلڊنگ جي تعمير ۽ موجوده بلڊنگ جي به??ري ??ي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، اين پي سي ??ي لاءِ سالياني گرانٽ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نيشنل پريس ڪلب جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چيو ته حڪومت پريس ڪلب کي مستقل گرانٽ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي، ناڻي و??ري وزير سان ملاقات ??ري مالي بجيٽ ۾ پريس ڪلب ??ي لاءِ سالياني گرانٽ مخصوص ڪرائڻ جي معاملي تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي ويندي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چيو ته حڪومت پريس ڪلب جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪر??، صحافين کي موجوده دور ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. نيشنل پريس ڪلب جي وقتي سيڪريٽري عون شيرازي چيو ته راولپنڊي اسلام آباد جي صحافتي ڪميونٽي ??ي لاءِ ميڊيا ٽائون فيز ٽو تمام ضروري آهي. هن چيو ته سرڪ??ري اشتهارن کي ورڪرز جي پگهارن سان مشروط ڪرڻ اهم قدم هوندو. وفد ۾صدر اظهر جتوئي، وقتي سيڪريٽري عون شيرازي، سيڪريٽري فنانس وقار عباسي ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.