آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي چ??رٽ?? سان گڏوگڏ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي پختگي سان پاسداري جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تنظيم جي ميمبر ملڪن سان گڏيل لاڳاپن جي فروغ کي ترجيح ڏي ٿو، ايس سي او فورم کي استعمال ۾ آڻي درپيش چئلينجز جو حل ڳولي سگهجي ٿو، اجتماعي تعاون تي ٻڌل موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آستانه قزاخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب ??زي??اعظم پاڪستان پاران ايس سي اوجي چ??رٽ?? سان گڏوگڏ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي پختگي سان پاسداري جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. هن ايس سي اوڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي موجوده سربراهه جي طور تي پاڪستان جي ترجيحن جي وضاحت ڪئي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چ??رٽ?? جي پاسداري تي زور ڏنو. نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ماڻهن جي خودمختياري جي حق ۽ پراڻي تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو. هن ??ڏيل تعاون تي ٻڌل موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن دهشتگردي کي سياسي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ناقص ۽ خودغرضي تي ٻڌل مفادن کي رد ڪرڻ تي زور ڏنو. نائب ??زي??اعظم غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 35 هزار کان وڌيڪ بيگناهه شهري مارجي ويا، جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار هئا. نائب ??زي??اعظم پاڪستان پاران غيرمشروط ۽ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻه رياستي حل کي سمجهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي اسحاق ڊار افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪند?? عالمي برادري کان افغانستان جي حقيقي اقتصادي ۽ ترقياتي ضرورتن جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان بامعنيٰ رابطو قائم رکڻ تي زور ڏنو. هن عبوري افغان حڪومت تي پڻ زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ لنگهه جي مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي هم آهنگي جي لاءِ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. ان موقعي تي نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار ايران جي صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي ??زي?? ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.