اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طو?? تي نگراني ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گي??س فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران ک??س پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وزيراعظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي ح??الي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي ح??الي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گي??س فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گي??س فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي ح??الي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزيراعظم گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ در??يش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گي??س فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طو?? تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طو?? تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ح??الي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين ک?? بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طو?? تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.