اسلام آباد ??? 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ت??جڪ??تان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع و??رو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مع??ون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم ت??جڪ??تان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو ت??جڪ??تان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.