اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته وزيراعظم اسرائيلي اڳرائي ??ي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي ??هي، فلسطينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سا??ان روانو ڪيو ويندو، اسرائيلي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي ??هي، مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو اهو ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽي ايل پي فلسطين جي مظلوم مسلمانن ٿي?? ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود آهي، ان سان اسان جون ڳالهيون ٿي??ن آهن، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اسرائيلي اڳرائي ??ي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي ??اري رکيو ويٺي هئي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آهن، حڪومت فلسطين جي مسلمانن لاءِ ڪوششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سا??ان 31 جولاءِ کان پهرين فلسطين روانو ڪيو ويندو. امدادي سا??ان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو آهي، اسان جو دنيا کان مطالبو آهي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسل??ان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اسرائيلي اڳرائي ??ي ڀرپور مذمت ڪئي ??هي ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسرائيلي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انهن کي روڪيو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري سچي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ٿي??دڙ ظلمن کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، حڪومت زخمي فلسطينين کي دوائن جي فراهمي سميت اتي ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ فلسطيني زخمين کي آڻي انهن جو علاج ڪيو وڃي. اهڙي طرح فلسطيني ش??گر??ن لاءِ به اسان جي تعليمي ادارن جا دروازا کليل آهن. هن چيو ته اسان عالمي دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلسطين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائي ??ي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿي?? آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ان کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.