اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اوڀر غزه ۾ الطبين اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ??هي?? جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ڀريل اسڪول تي حملو، خاص طور تي جڏهن اهي فجر جي ن??از ادا ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي ??نساني ??انونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن ج??گي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي ??رادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.