اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي ??زير احسن اقبال چيو آهي، ته ملڪي ترقي ??اءِ ڊجيٽل ??عيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ?? شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي ??ان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طر?? حڪمراني ۽ معاشي ترقي ??اءِ ڊجيٽل ??يڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ??اءِ ڊجيٽل ??عيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ?? شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي ??ان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان کي ڊجيٽل ??يڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل ??هارتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري ادارن جي تحفظ لاءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبوط ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.