ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو آهي ته نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئ??. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت اهم جائزه اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليئاس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئ??. وزيراعظم جي قيادت ۾ چئني صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان حڪومت ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عزم ظاهر ڪيو ۽ سمورين وفاقي ڌرين پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??يو ته اسان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ غيرمعمولي مدد ۽ تعاون تي بل گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومت جي ٻين حصيدارن جا پڻ ٿورا مڃيا. هن ??يو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئ?? وئي آهي. هن وڌيڪ ??يو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته 2025ع تائين ??ن موذي وائرس جو مڪمل خاتمو ڪريون. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئ?? ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ڏنيون وڃن. هن تاڪيد ڪئ?? ته اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جي حوالي سان چئلينجز درپيش آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ??يو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي لگن، پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئ?? آهي، نئين پوليو ڪيسز جو سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي جڏهن ته صوبائي حڪومتن ۽ حصيدارن جي تعاون سان پوليو جهڙي موذي بيماري کي شڪست ڏينداسين. گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي ويڪسين جا ڦڙا پيئندڙ ٻارن جي شرح ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان حڪومت پاران 40 لک ٻارن کي ان – ايڪٽويٽيڊ پوليو وائرس ويڪسين (آءِ پي وي) ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. اجلاس کي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي ضلعي قلعه عبدالله ۽ ضلعي چڪوال مان هڪ هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ڊويزنز پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جا وڏا مرڪز آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليو جي خاتمي جي حوالي سان نگراني جو نظام بهتر ڪيو ويو آهي، پوليو وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۽ هم آهنگي کي وڌائڻ جي حوالي س??ن مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئ?? ويندي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت واري سيڪريٽري نديم محبوب ۽ پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس، پوليو جي خاتمي جي عالمي حصيدارن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئ??.