اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پ??ش ڪري نشان حيدر ماڻيندڙ پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پ??ش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پ??ش ڪيو. سڄي قوم راشد منهاس شهيد جي شهادت جي جذب??، حب الوطني ۽ قرباني کي سلام پ??ش ڪري ٿي. صدر چيو ته راشد منهاس شهيد جهڙن بهادر نوجوانن تي قوم کي فخر آهي. سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند آهي ۽ هو شهيد جي قرباني کي ياد رکندي. صدر آ??ف علي زرداري راشد منهاس شهيد جي بلند درجن جي دعا ڪئي.