اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر کي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي شهادت ماڻي. پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر پنهنجي جان جي قر??اني ڏئي ملڪ دشمن غدارن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزير??عظ?? چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. مون سميت پوري قوم پاڪ فضائيه جي ان بهادر فرزند کي سلام پيش ڪري ٿي. وزير??عظ?? چيو ته قوم هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي ملڪ جي حفاظت لاءِ قر??انين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.