اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي ??اڪ??تان جي نمائن??گي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه ??ي لاءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ ??اڪ??تان جي نمائن??گي ڪندڙ بهترين ڪارڪر??گي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد ??اويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد ??الم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا رانديگر پوري دنيا ۾ ??اڪ??تان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، توهان سڀ رانديگر ??اڪ??تان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪر??گي ان ڳالهه ??ي گواهي ڏي ٿي ته ??اڪ??تاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، ??اڪ??تان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد ??اڪ??تان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هڪ جامع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي ??اڪ??تان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران ??اڪ??تان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي لاءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي راندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.