اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر جي صدارت هيٺ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز جو اجلا?? ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وس??لن تي ڌيان جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز کي هدايت ڪئي وئي ته انساني وس??لن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت لاءِ آئوٽ سورسنگ جي اصولن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چوري جي خاتمي ۽ ڪسٽمر ڪيئر جي روشني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گورننس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو.