اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خو??جه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا جو پائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پيٽرن ۽ زرعي ضرورتن جي باري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊيٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”بدلجندڙ آبهوا ۾ بهتر پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي ل??ءِ جامع پاليسي سڌارن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻيءَ جو مناسب استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃ??. م??لڪتي وزير چيو ت?? ڊيٽا جو پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي وزارت، آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر پبلڪ سروسز ڊليوري ل??ءِ ڊيٽا کي پهچ جوڳو بنائڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي وزارت جدت، ڊجيٽل منتقلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.