اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) چيف جسٽس پاڪستان/چيئرمين نيشنل جوڊيشل آٽوميشن ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ آن لائن اجلاس ٿيو. لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي جاري پڌرائ??ءَ موجب اجلاس ۾ 2 نومبر تي لا??ور ۾ جيلن جي سڌارن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائ??ءَ جو جائزو ورتو ويو. لا??ور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليه نيلم، جسٽس شمس محمود مرزا سان پنجاب جي جيلن جي انتظامي جج/مانيٽرنگ جج، اڳوڻي جج جسٽس شبر رضا رضوي سان لا??ور هاءِ ڪورٽ جي نمائندگي ڪئي. لا??ور هاءِ ڪورٽ، سيڪريٽري هوم اينڊ پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ، پنجاب، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ جيل کاتي پنجاب، آئيني ۽ انساني حقن جي وڪيل آم??ه قادر، سينيٽر احد خان چيما ۽ خديجه شاهه به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، آم??ه قادر کي جيلن جي سڌارن بابت ڪميٽ??ءَ جي ڪوآرڊينيٽر نامزد ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته هوءَ احد خان چيما ۽ خديجه شاهه سان ڪميٽي جي ٽي او آرز موجب جيلن جو دؤرو ڪري. پنجاب جي جيلن ۾ فوجداري نظام انصاف جي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته سمورين ڌُريون خاص طور تي لا??ور هاءِ ڪورٽ، لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، پوليس ۽ جيل کاتي جي ذيلي ڪميٽي کي سهولتون فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل ادارن کي به چيو ته هو فوجداري انصاف واري نظام ۾ بهتري جي حوالي سان پنهنجون سفارشون پيش ڪن. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته رپورٽ مڪمل هئڻ کانپوءِ ڄاڻايل رپورٽ جسٽس شبر رضا رضوي سان شيئر ڪئي وڃي جنهن کي ڪميٽ??ءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. چيف جسٽس لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان کي ذيلي ڪميٽي جي ميمبرن کي مڪمل لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.