اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پراپرٽي جي تحفظ جي لاءِ خصوصي عد??لت قائم ڪرڻ جي بل جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، بل تحت خصوصي عد??لتون اوورسيز پاڪستانين جي ملڪيتن تي ناجائز قبضي بابت مسئلا 90 ڏينهن ۾ اڪلائينديون، ٻاهرئي?? ملڪ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. ايو??ن صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايو??ن صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اوورسيز پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. وقتي صدر سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. اوورسيز فائونڊيشن جي چيئرمين سيد قمر رضا ٻاهرئي?? ملڪ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي عد??لتون قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو.