لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو ??زي?? محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي ??زي?? شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌم??ڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي ??زي??، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي سان اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن ??زي??ن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو ??زي?? چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيدن جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ??ارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.