اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي نومبر لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرن گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري واڌ ڪري ڇڏي، جيڪا پهرين نومبر 2024ع کان لاڳو هُوندي. او??را جي ترجمان عمران غزنوي جاري بيان موجب آر ايل اين جي قيمتن ۾ بنيادي طور تي واڌ ڊليوري ايڪس شپ (ڊي اي ايس) جي قيمت ۾ واڌ سبب ٿئي ٿو. هن ٻُڌايو ته ايس اين جي پي ايل جي ??ار??ين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي قيمت ۾ 2.49 سيڪڙو يا 0.3216 ڊالر في ا??م ايم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي جڏهن ته ايس ايس جي سي ايل ??ار??ين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ 0.3346 ڊالر في ا??م ايم بي ٽي يو يا 2.68 سيڪڙو وا?? آهي. او??را ڪا??هه جاري پنهنجي نوٽيفڪيشن ۾ ايس اين جي پي ايل ??ار??ين لاءِ آر ايل اين جي سراسر وِڪري جي قيمت 13.2609 ڊالر في ا??م ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل ??ار??ين لاءِ 12.8005 ڊالر في ا??م ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي. ترجمان چيو ته آڪٽوبر مهيني لاءِ ريگيوليٽر ايس اين جي پي ايل ??ار??ين لاءِ آر ايل اين جي ڊسٽري بيوشن قيمت 12.9393 ڊالر/ا??م ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل ??ار??ين لاءِ 12.4659 ڊالر/ا??م ايم بي ٽي يو طور تي نوٽيفاءِ ڪئي وئي هئي. آر ايل اين جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن او??را ويب سائٽ تي موجود آهي.