لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال په??ي ويا. ان موقعي تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور په??ڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گردواره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيندي چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪستان پُرامن ملڪ آهي، پاڪستاني سک قوم سان دلي محب?? ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورتن به انتظامن تي ??طم??نان جو اظهار ڪندي چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف تق??يبن جو بندوبست ڪيو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور په??ندا.