اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته اسان معذور ماڻهن کي تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائين ٿيون ۽ انهن جي لاءِ سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چي?? ته اڄ سڄي دنيا ۾ معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن اسان کي معاشري ۾ معزور ماڻهن جي حقن، وقار ۽ انهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل عزم جي نشاندهي ڪ??ي ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”هڪ جامع ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ معذور ماڻهن ??ي قيادت کي وڌائڻ، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪ??ي ٿو ته هڪ وڌيڪ جامع دنيا طرف سفر ??ي قيادت انهن ماڻهن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي انهن جي چئلينجن کي پاڻ سمجهندا هجن. هن چي?? ته اسان معذور ماڻهن کي تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چي?? ته اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي جيڪي معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائين ٿيون ۽ انهن جي لاءِ سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. ??زي??اعظم چي?? ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته معذور ماڻهن جو موقف اسان ??ي قومي ترقي جي پاليسي ۾ شامل هجي ۽ اسان هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ڪريون جيڪو قائدين ۽ تبديلي سازن جي طور تي انهن جي حصيداري کي اهميت ڏيندو هجي، معذور ماڻهن جي لاءِ دوستاڻا قانون لاڳو ڪرڻ ان ويزن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ??زي??اعظم چي?? ته اسان کي معذور ماڻهن جي مدد جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندڙن، انهن جي نگهداشت ڪندڙن، وڪالت ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن جي ڪم ۽ انهن جي تعاون کي ساراهڻ گهرجي. ??زي??اعظم چي?? ته آئون سرڪاري ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏيان ٿو ته اهي معذور ماڻهن جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙي ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جتي معذور ماڻهو اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، اسان کي اهڙي روين کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ پڻ شعوري ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيڪي معذور ماڻهن سان امتيازي سلوڪ رکن ٿا.