اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پالي??ي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پالي??ي ريٽ جو 13 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي ۽ ان سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم چيو ته پالي??ي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪر?? پالي??ي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.