اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سع??دي عرب سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو انتهائي اهم ٿنڀ آهن، اسان سع??دي عرب سان پنهنجي اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سع??دي عرب جي شوريٰ ڪا??ون??ل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد ابراهيم الشيخ ۽ سندس وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سع??دي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون کي هن سال ڪيترائي ڀيرا سع??دي عرب جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، آئون سع??دي عرب کي ”فيفا ورلڊ ڪپ 2034ع“ جي ميزباني جو حق کٽڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. مون کي يقين آهي ته سع??دي عرب ان ايونٽ جو بهترين طور تي انعقاد ڪندو. هن چيو ته سع??دي عرب سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو انتهائي اهم ٿنڀ آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام مشڪل وقت ۾ سع??دي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي دل جي گهراين سان ساراهين ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا انتهائي اهم آهي، اسان سع??دي عرب سان پنهنجي اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم آهيون. وزيراعظم چيو ته سع??دي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 2.8 ملين ڊالر جي ماليت جي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن جن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، مون کي اميد آهي ته جلد ئي انهن معاهدن جا ثمر ٻنهي ملڪن کي ملڻ شروع ٿي ويندا. سع??دي عرب ۾ اٽڪل 2.5 ملين ماڻهن تي ٻڌل پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪم ڪري ٿي. عرب – اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي ساراهيان ٿو جنهن غزه، لبنان ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ مسلمان امت جي مطالبي کي سگهه ڏني. هن چيو ته پاڪستان، غزه ۽ لبنان جي عوام جي مصيبتن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف سمورين ڪوششن جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جاري رکندو.