اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ ايف ايٽ انڊر پاس جو افتتاح ڪيو جيڪو رڪارڊ 42 ڏينهن ۾ مُڪمل ٿيو آهي جنهن سان ٻن مکيه رستن جناح ايونيو ۽ نائنٿ ايونيو تي ٽريفڪ جي روانگي ۾ آساني ٿيندي. وفاقي وزيرن سينيٽر م??سن رضا نقوي، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين سان گڏ ايف 8 انڊر پاس جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هي هڪ شاندار موقعو آهي جو هي انڊر پاس پيڙهه جو پٿر رکڻ جي 42 ڏينهن ۾ ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو آهي. وزيراعظم ش??باز شريف نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ تي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪ??ششن کي ساراهيندي چيو ته هي اهو فيشن آهي جنهن ۾ قومون ڏينهن رات جدوجهد ڪندي ترقي ڪ??ديون آهن. جڏهن ته وزيراعظم غير م??مولي سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي سي ڊي اي جي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، سندس ٽيم ۽ ٺيڪيدار کي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون تعمير ٿيل انڊر پاس شهر جي ٽريفڪ کي آسان بڻائيندو ۽ اهڙي طرح سرينا چوڪ انڊر پاس کي پُڻ ساڳي ريت مڪمل ڪيو ويندو. هن اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي پروجيڪٽ سائيٽ تي ٽريفڪ جي روانگي کي يقيني بڻائڻ کي پڻ ساراهيو. ان کان اڳ گهرو وزير م??سن رضا نقوي سي ڊي اي جي سڄي ٽيم کي ساراهيو ۽ ايف 8 انڊر پاس 42 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ تي چيئرمين سي ڊي اي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي سي ڊي اي ايندڙ سال مارچ تائين هڪ نرسري قائم ڪندي ته جيئن وفاقي گادي وراري شهر جي رهواسين کي سستا ۽ معياري ٻوٽا فراهم ڪري سگهجن. هن اسلام آباد ٽريفڪ پوليس ج?? منصوبي جي سائيٽ تي گاڏين جي ٽرئفڪ کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو